”چوڌري نثار پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ اعظم سواتي اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نٿار کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو مون کي خبر آهي ته چوڌري نثار پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي ترقي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ کيس پي ٽي آءِ ۾ ڀليڪار چوان ٿو، هو هڪ اصولي انسان آهي.
هن چيو ته مان مصطفيٰ نواز کوکر ۽ مشاهد حسين سيد کي به پي ٽي آءِ ۾ اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته مولانا فصل الرحمان کي عقيدت جو سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن قانون جي حڪمراني ۽ عدليا جي آزادي لاءِ ايڏو وڏو قدم کنيو آهي، جڏهن ته وڪيلن کي به شاباشي ڏيان ٿو، جيڪي آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.