زوب ۾ ايف سي ڪئمپ تي حملي جي ڪوشش ناڪام، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ڪئمپ ۾ داخلا جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻه دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب زوب ۾ دهشتگردن فرنٽيئر ڪور جي پوسٽ تي حملو ڪيو ۽ ڪئمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي جوابي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، ڪارروائي ۾ آپگهاتي بمبار سميت دهشتگرد سربراهه عمر عرف عمري ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگرد تازو ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي قافلي تي حملي ۾ ملوث هو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران حوالدار جمشير خان شهيد ٿي ويو، 39 ورهين جي جمشير خان جو واسطو ڊيرا بگٽي سان هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.