راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) حوڪمت طرفان تحريڪ انصاف جي گرفتار ڪارڪنن کي اڊيالا جيل کان ٻين جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن کي اڊيالا جيل کان ٻين جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت اسلام آباد جي ڪيسن ۾ جڊيشل ٿي ايندڙ 7 عورتن کي جهلم جيل منتقل ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل کي سيڪيورٽي خدشن سبب اهو قدم کنيو ويو آهي، 130 کان وڌيڪ قيدين کي به اٽڪ جيل موڪليو ويندو.
ذريعن موجب سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسندي اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن تي به پابندي لڳائي وئي آهي.
Next Post
You might also like