عدالتي فيصلن جي مثالن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته عدالتي فيصلن جي مثالن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب آبادي کاتي جي ملازم جي نطرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلن جي مثالن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، غير آئيني قدمن جي منظوري جو اختيار ججن وٽ ڪٿان اچي ويندو آهي؟ ڇا جج آئين جا پابند ناهن؟
هن چيو ته پاڪستان ۾ ائين ئي ٿي رهيو آهي، هڪ کانپوءِ ٻيو مارشل لا اچي ويندو آهي، عدالتي فيصلن جا حوالا اتي اچن، جتي آئيني ۽ قانوني حوالي سان مونجهارو هجي، عدالتي فيصلو آئين ۽ قانون کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي.
سندس چوڻ هو لڳي ٿو وقت اچي ويو آهي ته ججن جون ڪلاسون ڪرايون وڃن، ڇا جج بڻجڻ کانپوءِ آئين ۽ قانون جون گهريون ختم ٿي وينديون آهن، وڪيلن کي آئين جي ڪتاب کان الرجي ٿي وئي ۽ هاڻ اهي آئين جو ڪتاب پاڻ سان گڏ عدالت ناهن آڻيندا.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته چيو ويندو آهي نظرثاني درخواست جلدي لڳائي وئي، چيو ويندو آهي ته اڍائي سال پراڻي نظرثاني ڇو لڳائي وئي.
عدالت پنجاب آبادي کاتي جي ملازم جي نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.