لنڊن ۾ پاڪستاني اداڪارا سان افسوسناڪ واقعو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا عظميٰ حسن سان برطانيا جي تخت گاهه لنڊن ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.
اداڪارا عظميٰ حسن انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪندي پاڻ سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي کان مداحن کي آگاهه ڪيو.
هن لکيو ته گذريل رات لنڊن ۾ منهنجو قيمتي سامان چوري ٿي ويو پر هن ان واردات جا تفصيل نه ٻڌايا.
سندس چوڻ هو ته منهنجو والٽ هليو ويو، پئسا هليا ويا، سڃاڻپ جا دستاويز، ڪارڊ ۽ لاڪر جي چاٻي به هلي وئي.
اداڪارا چيو ته جيڪو سامان کنيو ويو، ان ۾ مرحومه ماءُ جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ان جي تصوير به هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.