”ٻن سياسي قوتن جي ويڙهه ۾ لوڙي عوام رهيو آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ٻه سياسي قوتون وڙهي رهيون آهن ۽ لوڙي عوام رهيو آهي، شنگهائي سهڪار ڪانفرنس ٿي رهي آهي ۽ اسان تلاشي لڳائي ويٺا آهيون، ان سان عوام ۽ معيشت ٻنهي جو نقصان ٿيندو.
صحافين سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو حڪومت کي گهرجي ته اها پي ٽي آءِ کي پرامن احتجاج جي اجازت ڏئي پر تحريڪ انصاف به تشدد جو رستو ڇڏي پرامن احتجاج ڪري، ٻنهي کي هڪ هڪ قدم پوئتي هٽي معاملو سنڀالڻ گهرجي.
هن چيو آئيني ترميم اچي رهي آهي ۽ اسيمبلي ميمبرن کي خبر ناهي ته معاملو ڇا آهي، ترميم ذريعي هڪ نئين عدالت آندي پئي وڃي، ن ليگ کي سوچڻ گهرجي ته اهي قانون اڳتي هلي انهن جي ڳچي ۾ پئجي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.