پي ٽي آءِ ثابت ڪيو ته اها ملڪ دشمن آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني چيو آهي افسوس پي ٽي آءِ هر هر ثابت ڪيو ته ان جا فيصلا ملڪ دشمن آهن.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته هر سياسي جماعت کي پرامن احتجاج جو حق آهي پر هن وقت پاڪستان ۾ ڪانفرنس هلي رهي آهي، ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه اچي رهيا آهن، اهڙي موقعي تي پي ٽي آءِ احتجاج جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته اڳ ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سان چيني صدر جو دورو رد ٿيو، آءِ ايم ايف سان معاهدي کي به هنن خراب ڪيو، اسان جي سياست ان ئي وقت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ملڪ جون حالتون سٺيون هونديون.
سندس چوڻ هو ملڪي معيشت جي ڳالهه هجي ته سمورا اختلاف وساري هڪ ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي سياست سان ٻين ملڪن کي فائدو پهچائيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.