سوزوڪي جو پاڪستان ۾ ”ايوري“ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو، قيمت ڪيتري هوندي؟

پاڪستان سوزوڪي موٽر ڪمپني جلد ”بولان“ کي بند ڪرڻ کانپوءِ هاڻ ان جي جاءِ تي مقامي سطح تي تيار ڪيل ”سوزوڪي ايوري“ متعارف ڪرائي رهي آهي، جيڪا امڪاني طور 12 آڪٽوبر 2024 تي لانچ ڪئي ويندي ۽ ان جي قيمت 26 لک رپين تائين هجڻ جو امڪان آهي.
سوزوڪي تازو پنهنجي مشهور ترين گاڏي بولان بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ اهي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته هاڻ شايد سوزوڪي ايوري کي باضابطا طور پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويندو، جيڪي سچ ثابت ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، جنهن جي امڪاني قيمت پاڪستان ۾ 26 لک رپيا هوندي.
عالمي ماڊل جون خاصيتون
توڙي جو مقامي طور تي اسمبل ٿيل سوزوڪي ايوري جي خاصيتن جو اعلان ناهي ڪيو ويو پر عالمي ماڊل جون ڪجهه اهم خاصيتون هي آهن.
ڊيزائن ۽ اسٽائل
سوزوڪي ايوري جو باڊي ڊيزائن باڪس جهڙو آهي، جنهن ۾ ننڍا ٽائر ۽ بلند جسم شامل آهي، ٻاهرين ڊيزائن گذريل بولان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جديد ۽ مضبوط نظر ايندي آهي، اندروني حصي ۾ وڌيڪ جديد فيچر شامل ڪيا ويا آهن، جيئن ڪلائميٽ ڪنٽرول، اي بي ايس ۽ پاور اسٽيئرنگ.
انجڻ ۽ پاور
هيءَ گاڏي 660 سي سي انجڻ سان گڏ ايندي آهي، جيڪا 49 هارس پاور ۽ 62 نيوٽن ميٽر ٽارڪ پيدا ڪندي آهي، جيڪا شهر اندر ننڍي فاصلي ۽ هلڪي وزن جي ڊرائيونگ لاءِ بهترين آهي، ان جي فيول ٽينڪ 37 ليٽر جي آهي ۽ شهر جي اندر اها گاڏي 19 ڪلو ميٽر في ليٽر، جڏهن ته هاءِ وي تي 21 ڪلو ميٽر في ليٽر مائليج فراهم ڪندي آهي.
قيمت
مقامي طور تي اسمبل ٿيل سوزوڪي ايوري جي امڪاني قيمت 26 لک رپيا هوندي، جڏهن ته بولان جي موجوده قيمت 19 لک 40 هزار رپيا آهن، معنيٰ ٻنهي ۾ 6 لک 60 هزار رپين جو فرق هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.