اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا پيٽرول جي اگهه جي حوالي سان عوام کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي ۽ چيو ته پيٽرول وڌيڪ سستو ٿيندو.
پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا ملڪي معاشي صورتحال جي حوالي سان چيو ته ملڪ بهتري ڏانهن وڃي رهيو آهي، پيٽرول سستو ٿي رهيو آهي، وڌيڪ سستو ٿيندو ۽ جڏهن سستو ٿيندو ته مهانگائي گهٽجندي.
هن چيو ته ڊالر ساڍا ٽي سئو رپيا هو هيٺ اچي ويو، آءِ ايم ايف جو پروگرام ٿي ويو، هاڻ انڊسٽري کي 9 سينٽ تي بجلي ملندي.
سندس چوڻ هو ته وياج جي شرح گهٽجي وئي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، هڪ ٻه هفتن ۾ پاڪستان لاءِ وڏي خبر اچي ويندي، معاشي بهتري جو ڪريڊٽ ايس آءِ ايف سي ڏانهن وڃي ٿو.
You might also like