ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين تي وڌيڪ بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، شهر جي واهپيدارن لاءِ بجلي وڌيڪ 51 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جو فيصلو سڀاڻي نيپرا ڪندي.
ڪراچي لاءِ آگسٽ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي وڌيڪ 51 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي نيپرا ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.
ڪي اليڪٽرڪ آگسٽ 2024 جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي آهي، جنهن تحت 51 پئسا في يونٽ جي واڌ گهري وئي آهي.
نيپرا طرفان جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست منظور مندي واڌ ڪئي وڃي ٿي ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي 85 ڪرور 30 لک رپين جو واڌو بار پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.