لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته سياست ڪرڻ هر جماعت جو حق آهي پر دهشتگردي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
”پنهنجي ڇت پنهنجو گهر“ منصوبي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هي منصوبو 700 اربن جو آهي، اسڪيم تحت 5 لک درخواستون وصول ٿيون، ماڻهن کي قرض جي قسط ڏني ويندي، ايندڙ 5 سالن ۾ 5 لک گهرن لاءِ قرض ڏينداسين، زمين جا ڪاغذ ڏيکاري قرض وٺي سگهجي ٿو.
هن چيو ته هي منصوبو جنهن شخص جو ويزن آهي، اهو مون کي عوام جي خدمت جو چوندو آهي، عوام جي خوابن کي پورو ڪرڻ مان نواز شريف کان سکيو آهي، ماڻهن جو نواز شريف جي حڪومت تي اعتماد آهي، اسان ڪم ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته مخالف ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران گاريون ڏئي رهيا آهن، پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏيڻ بدران رتوڇاڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، هڪ صوبي کي ٻئي صوبي سان وڙهائي رهيا آهن ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ مصروف آهن.
Prev Post
You might also like