4 ملڪن لاءِ مٺائي جي ٽنن ۾ لڪايل منشيات سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 4 ملڪن لاءِ مٺائي جي ٽنن ۾ لڪايل منشيات سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، منشيات يوڪي، سريلنڪا، هانگ ڪانگ ۽ نيوزيلينڊ موڪلي پئي وئي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي ۾ انٽرنيشنل ڪنسائنمينٽ ذريعي منشيات سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
اي اين ايف ترجمان موجب 4 ملڪن لاءِ مٺائي جي ٽنن ۾ لڪايل منشيات برآمد ڪئي وئي، ڪراچي ۾ ڪوريئر آفيس ۾ موڪليل مٺائي جي ٽنن ۾ لڪايل منشيات قبضي ۾ ورتي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته منشيات يوڪي، سريلنڪا، هانگ ڪانگ ۽ نيوزيلينڊ موڪلي پئي وئي، مجموعي طور تي 9.55 ملين ماليت جي 3.5 ڪلو هيروئن ۽ 7.2 ڪلو آئس قبضي ۾ ورتي وئي آهي.
ترجمان موجب ڪارروائي دوران هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، هن جاچ دوران منظم منشيات نيٽ ورڪ جو انڪشاف ڪيو آهي، سندس خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.