ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تي خدشا وفاق سامهون رکي ڇڏيا آهن.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته وفاق ان معاملي تي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائيندس ته ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندگي هجي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ معيشت سان کيڏيو ويو، ملڪ ۾ سنڀالڻ ۾ وقت لڳو آهي، پي ٽي آءِ جا غلط فيصلا ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، ملڪ اڃا معاشي مسئلن مان ناهي نڪتو.
سندس چوڻ هو ته ميثاق جمهوريت ۾ ججن جي سليڪشن جو طريقي ڪار ۽ عدالت ٺهڻ جو عمل واضح آهي، پ پ جي منشور ۾ به آئيني عدالتون شامل آهن، چيو پيو وڃي ته عدالتون ڪنهن هڪ شخص لاءِ ٺاهيون پيون وڃن.
مراد علي شاهه چيو ته ميڊيا تي وڏي ذميواري آهي ته ماڻهن تائين اصل حقيقتون پهچائي، اڳ صحافت جو اسٽينڊرڊ هاءِ هوندو هو، هاڻ هر موبائل وارو صحافي آهي، صحات جي غلط استعمال سان نقصان ٿيندا آهن.
You might also like