اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليوارو مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو، جتي مولانا فضل الرحمان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي آجيان ڪئي.
ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته توهان اسان جي گهر اچي گهر کي رونق بخشي، جنهن طريقي سان ڊاڪٽر صاحب سوالن جو جواب ڏيندو آهي، اهو مسلم امت طرفان دفاع هوندو آهي، ڪيترائي ماڻهو سندس دعوت تي ايمان جي نور سان منور ٿيا آهن، ڊاڪٽر صاحب هتي مهمان نه ميزبان آهي، هي ان جو پنهنجو گهر آهي.
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات منهنجي خواهش هئي، جيڪا اڄ پوري ٿي، منهنجي لاءِ اڳ ۾ سڀ کان اهم پيشو ڊاڪٽري جو هو، پوءِ قرآن پاڪ جو ترجمو پڙهيو ته خبر پئي سڀ کان سٺو پيشو دعوت جو آهي، مولانا فضل الرحمان جي مسلم امت جي اتحاد جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو، هتي اچي پنهنجائپ محسوس ڪري رهيو آهيان.
مولانا فضل الرحمان معزز مهمانن کي گلدستو پيش ڪيو ۽ تحفا ڏنا، ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ مولانا فضل الرحمان کي پرفيوم جو تحفو پيش ڪيو.
You might also like