ڪريلو کائڻ ۾ ڀلي ڪَڙو هجي پر اهو صحت لاءِ وڏو فائديمند آهي.
ڪريلو غذائي جزن جو هڪ وڏو ذريعو آهي، جنهن جا بيشمار فائدا آهن، ڪريلي جو روز هڪ ڪوپ (94 گرام) جوس انساني صحت لاءِ اثرائتي غذا آهي، جيڪي وڏن مرضن جو علاج آهي.
ڪريلي جي جوس بابت هڪ تحقيق سان خبر پئي آهي ته اهو ڪينسر جي سيلز خلاف اثرائتي مدافعت پيدا ڪري ٿو ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
شگر جي مريضن لاءِ ڪريلي جو جوس انتهائي فائديمند آهي، جڏهن ته اهو وزن گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار آهي، ڇو ته ان ۾ گهٽ ڪيلوريز ۽ وڌيڪ فائبر هوندا آهن.
ڪريلي ۾ 93 سيڪڙو وٽامن سي هوندو آهي، جيڪو بيمارين جي روڪٿام، هڏن جي مضبوطي ۽ زخمن مان ڇوٽڪاري جو اهم ذريعو آهي.
ان سبزي ۾ وٽامن اي جي 44 سيڪڙو موجودگي جلد جي صحت ۽ نظر لاءِ فائديمند آهي، ان کانسواءِ 20 سيڪڙو ڪيلوري، 17 سيڪڙو فوليٽ واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي.
ڪريلي ۾ 8 سيڪڙو پوٽاشيم، 5 سيڪڙو زنڪ، 4 سيڪڙو آئرن انساني غذائي جزن جو هڪ وڏو ذريعو آهن.
Prev Post
You might also like