پشاور (ويب ڊيسڪ) مولانا فضل الرحمان پارٽي چونڊن ۾ ايندڙ 5 سالن لاءِ بنا مقابلي جمعيت علماءِ اسلام جو امير چونڊجي ويو.
جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفوري حيدري به 5 سالن لاءِ بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو آهي.
مولانا فضل الرحمان ۽ عبدالغفور حيدري ڪو ٻيو اميدوار سامهون نه هجڻ سبب بنا مقابلي ئي چونڊجي ويا.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن جي يو آءِ کي پارٽي چونڊون ڪرائي تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.
You might also like