پي آءِ اي پاڪستان جو پهريون قومي سياحتي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) پاڪستان جو پهريون قومي سياحتي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پي آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب عالمي سياحتي ڏينهن جي موقعي تي ٿيل تقريب ۾ قومي ايئر لائن پهريون سياحتي ايوارڊ حاصل ڪيو آهي، پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايئر وائس مارشل عامر حيات اهو ايوارڊ وصول ڪيو.
پي آءِ اي کي اهو ايوارڊ ملڪي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ڏنو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي واحد ملڪي فضائي سروس آهي، جيڪا ملڪ جي هر حصي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪن سان جوڙيندي آهي، پاڪستان جي خوبصورت ترين اتر علائقن کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جي هڪ مهم به پي آءِ اي هلائي.
وڌيڪ چيو ويو ته اهو ايوارڊ حاصل ڪرڻ پي آءِ اي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ اسان جي قومي ڪردار جو اعتراف آهي.
ترجمان چيو ته پي آءِ اي قومي ايئر لائن جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهندي ۽ ملڪي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.