ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم سيريز، شڪيب الحسن کي گرفتار ڪيو ويندو؟

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف آڪٽوبر ۾ شيڊيول ٽيسٽ سيريز لاءِ بنگلاديش جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن کي سيڪيورٽي گارنٽي ڏيڻ کان ڪري ڇڏيو.
شڪيب الحسن ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي خواهش ظاهر ڪئي هئي ته آڪٽوبر ۾ ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران ڍاڪا ٽيسٽ کيڏي هو ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ڇڏڻ چاهي ٿو.
خميس ڏينهن ڪانپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شڪيب الحسن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس سيڪيورٽي گارنٽي نه ملي ته ڪانپور ٽيسٽ سندس ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ هوندي.
شڪيب الحسن ان حوالي سان بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي هڪ درخواست پڻ ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڍاڪا ٽيسٽ دوران کيس سيڪيورٽي جي ضمانت ڏني وڃي.
واضح رهي ته شڪيب الحسن شيخ حسينه واجد جي عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي اسيمبلي ميمبر چونڊيو ويو هو، پنج آگسٽ تي عوامي ليگ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ٻين پارٽي اڳواڻن جيان شڪيب الحسن کي به قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو هو.
ٻئي پاسي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر فاروق احمد چيو آهي ته شڪيب الحسن جي سيڪيورٽي جي ضمانت ڏيڻ بورڊ جي هٿ ۾ نه آهي، بورڊ انفرادي سطح تي ڪنهن به رانديگر لاءِ سيڪيورٽي جو الڳ سان انتظام نه ٿو ڪري سگهي، اِهو فيصلو حڪومتي سطح تي ٿي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته ان صورتحال ۾ فيصلو شڪيب الحسن کي ڪرڻو پوندو،ڪرڪيٽ بورڊ پوليس يا سيڪيورٽي ايجنسي نه آهي جيڪو ڪنهن رانديگر کي سيڪيورٽي جي گارنٽي ڏئي سگهي، اهو ڪم حڪومت جو آهي.
هن چيو ته شڪيب الحسن هڪ مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي، بورڊ سندس فيصلي جو احترام ڪري ٿو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي قانون بابت صلاحڪار آصف نذرل چيو ته هو پُراميد آهي ته شڪيب الحسن کي وطن واپسي تي گرفتار نه ڪيو ويندو.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي آپريشنل انچارج شهريار نفيس جو چوڻ آهي ته ٻه ڏينهن اڳ اعليٰ اختيارين خاطري ڪرائي هئي ته وطن واپسي تي شڪيب الحسن کي هراسان نه ڪيو ويندو.
هوڏانهن بنگلاديش جي حالتن کي نظر ۾ رکندڙ ڏکڻ آفريڪا جي دوري مٿان غير يقيني جا ڪڪر لامارا ڏئي رهيا آهن.
ڏکڻ آفريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي رپورٽس جو انتظار آهي جنهن کانپوءِ ئي ٽيسٽ سيريز لاءِ بنگلاديش جي دوري بابت فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.