لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي سائنسدانن هڪ نئون بلڊ گروپ دريافت ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب برطانيا جي علائقي ڏکڻ گلوسٽر شائر ۾ اين ايڇ ايس بلڊ اينڊ ٽرانسپلانٽ جي سائنسدانن جي قيادت ۽ برسٽل يونيورسٽي جي سهڪار سان محققن جي هڪ ٽيم ايم اي ايل نالي هڪ نئون بلڊ گروپ دريافت ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اها اڳڀرائي اي اين ڊبليو جي نالي اينٽيجن سان جڙيل هڪ 50 سال پراڻي ڳجهارت کي ڀڃي ڇڏيو آهي، جيڪا پهريون ڀيرو 1972 ۾ سائنسدانن جي ڌيان جو مرڪز بڻي هئي.
رپورٽ موجب سينيئر سائنسدان لوئيس ٽيلي جي قيادت ۾ محققن جي هڪ ٽيم اي اين ڊبليو جَي اينٽيجن کان محروم مريضن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ جينياتي ٽيسٽ به تيار ڪئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جينياتي ٽيسٽ سان ايم اي ايل بلڊ گروپ واري ناياب مريضن جي بهتر سار سنڀال ٿي سگهندي ۽ رت جو عطيو ڪندڙن جي ڳولا ۾ سهولت فراهم ٿيندي.
لوئيس ٽيلي موجب اڃا ان ٽيسٽ مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جي درست انگ جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.
Next Post
You might also like