شيري رحمان تحريڪ انصاف کان اسرائيلي اخبار جي مضمون تي وضاحت گهري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسرائيلي لابي سان پي ٽي آءِ باني جا لاڳاپا نئين ڳالهه ناهي، پي ٽي آءِ وضاحت ڏئي ته اسرائيل ان جو حامي ڇو آهي؟
پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته يروشلم پوسٽ لکيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اسرائيل سان معمول جي لاڳاپن جو خواهشمند هو، تحريڪ انصاف وضاحت ڏئي ته اسرائيل کي ڇو يقين آ ته عمران خان اسرائيل بابت عوامي راءِ ۽ فوجي پاليسي تبديل ڪري سگهي ٿو؟
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني روز اڊيالا جيل مان پيغام موڪليندو آهي، ان جي به وضاحت ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.