سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۾ مالم جبه روڊ تي پوليس موبائل کي ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو.
پوليس موجب ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته 10 کان وڌيڪ ملڪن جي سفيرن جي سيڪيورٽي قافلي ۾ شامل هئي، ڌماڪي ۾ سمورا سفير محفوظ رهيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته قافلي ۾ روس، ايران، پرتگال، انڊونيشيا، تاجڪستان، قازقستان ۽ ايٿوپيا جا سفير موجود هئا، واقعي کانپوءِ سڀئي سفير اسلام آباد روانا ٿي ويا.
پوليس موجب سمورا سفير چيمبر آف ڪامرس مينگورا جي تقريب ۾ سرڪت کانپوءِ مالم جبه وڃي رهيا هئا.
You might also like