اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد حقدارن کي ملندڙ رقم ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
خميس ڏينهن گلگت ۾ بي آءِ ايس پي جي زونل آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي روبينا خالد چيو ته هن سال جي آخر تائين بي آءِ ايس پي مان فائدو کڻندڙ خاندانن جو انگ 10 ملين تائين پهچي ويندو.
هن بي آءِ ايس پي جي مالياتي بجيٽ ۾ واڌ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا، جنهن تحت ٽن مهينن جي قسط جنوري 2025 کان 10 هزار 500 رپين مان وڌي 13 هزار 500 رپيا ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ ڊائنامڪ رجسٽريشن سينٽرن ذريعي حقدار خاندانن جي رجسٽريشن جاري آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like