”ايران چار ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿو“

ايران جي جوهري پروگرام کان آمريڪا ۽ يورپ اڳ ئي ڊنل آهن ۽ هاڻ يورپي يونين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته تهران چار ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس ۾ يورپي يونين ايراني جوهري پروگرام ۾ واڌ تي پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪندي خدشو ظاهر ڪيو ته تهران چار ايٽم بم ٺاهي سگهي ٿو.
ٽن يورپي ملڪن فرانس، جرمني ۽ برطانيا گڏيل بيان ۾ ايراني جوهري پروگرام جي سرگرمين ۾ مسلسل واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته تهران جوهري معاهدي تحت پنهنجي ذميوارين تان هٽي ويو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان فوري طور ۽ مڪمل سهڪار ڪري ۽ پنهنجي ذميوارين ڏانهن بنا دير واپس اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.