لاڙڪاڻي بورڊ جو ڊپٽي ڪنٽرولر ظهير ڀٽو، ميٽرڪ بورڊ ڪراچي ۾ امتحانن جو وقتي ناظم مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ۽ تعليمي بورڊز جي ڪنٽرولنگ اٿارٽي محمد علي ملڪاڻي لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي ڊپٽي ڪنٽرولر ظهير الدين ڀٽو کي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي بدلي ڪري ڇڏيو آهي.

کيس هڪ سال لاءِ امتحانن جو ايڪٽنگ ڪنٽرولر مقرر ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان سيڪريٽري بورڊز اينڊ يونيورسٽيز عباس بلوچ مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.