ممبئي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا تمنا ڀاٽيا ڏکڻ ڀارتي فلمن کي بالي ووڊ کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو.
اداڪارا کان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پڇيو ويو ته بالي ووڊ ۽ ڏکڻ جي فلمن ۾ ڇا مختلف هوندو آهي؟
ان تي تمنا چيو ته مان خاص طور اهو فرق محسوس ڪيو آهي ته ڏکڻ جون فلمون گهڻي ڀاڱي پنهنجي جاگرافيائي هنڌن جي ڳالهه ڪنديون آهن، منهنجي خيال ۾ انهن جو مواد عالمي سطح تي مقبول ٿي رهيو آهي، ڇو ته پاڙن تائين ڪهاڻيون ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
هن چيو ته ڏکڻ انڊسٽري ماڻهن جي مختلف طبقن کي خوش ڪرڻ جي نظريي سان ڪم ناهي ڪندي پر اهي بنيادي انساني جذبن تي ڌيان ڏيندا آهن، جيئن ماءُ پيءُ سان جڙيل جذبا، ڀاءُ جي ڀيڻ کان پلاند وٺڻ جي ڪهاڻي.
سندس چوڻ هو ته انهن ڪهاڻين ذريعي مختلف فارميٽس ۾ بنيادي انساني جذبن کي بيان ڪيو ويندو آهي، منهنجي خيال ۾ اهو ئي سبب آهي ته سائوٿ جون فلمون ڪامياب ٿي رهيون آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like