سنڌ هاءِ ڪورٽ: ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي ڪيس ۾ ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل ايس ايس پي کي گرفتاري وارنٽ جي تعميل ڪرائڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي عدالت ۾ پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيو ته ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن جا هڪ لک رپين جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن، هر ڪيس ۾ واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن جو اهو ئي طريقو آهي، ڪيس 4 سالن کان ٻڌڻي هيٺ آهن، انهن معاملن کي اڃا تائين ڇو حل نه ڪيو ويو؟
پوءِ عدالتي حڪم تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پيش ٿيو ۽ عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت مهلت جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته واٽر ڪارپوريشن خلاف ٽيرف بابت ۽ رهتن جي عدم ادائيگي تي ڪيس داخل آهن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ انهن معاملن تي سنڌ حڪومت ۽ واٽر ڪارپوريشن کان وضاحت طلب ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.