اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اسٽيبلشمينٽ کان رليف چاهين ٿا، جيستائين 9 مئي جو حساب نه ٿيندو، ڪنهن سان به ڪي ڳالهيون نه ٿينديون.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارا هن وقت اين آر او گهري رهيا آهن، اهي ماڻهو سياسي جماعتن سان ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين، پي ٽي آءِ باني عمران خان به فوج سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته مان محمود اچڪزئي کان سوال ڪندس، ڇا اهي فوج سان ڳالهيون ڪندا؟ پي ٽي آءِ باني سياسي جماعتن سان ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهي، پڇان ٿو ته ان تي اپوزيشن اتحاد جي سربراهه جو ڪهڙو موقف آهي؟
You might also like