عمر ايوب جو ڳالهين لاءِ ماحول ٺاهڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب ڳالهين لاءِ ماحول ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته ڳالهين لاءِ ماحول ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اڃا ڳالهين لاءِ ماحول سازگار ناهي، اسان کي ڳالهين جي خبر ئي ناهي.
هن چيو ته اسان جو مينڊيٽ چوري ٿيو آهي، ان کي واپس ڪيو وڃي، اسان جا ڪيس ختم ٿيندا، پي ٽي آءِ باني آزاد ٿيندو ته پوءِ ئي ڳالهيون ڪري سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.