اسلام آباد (م ڊ) سينيئر تجزئيڪار منصور علي خان چيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪارروائي سان پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪ فوج فيصلو ڪري ورتو آهي ته اهي سڀ ماڻهو جيڪي پي ٽي آءِ جي دور ۾ عمران خان جا ويجها سمجهيا ويندا هئا انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ۾ نرمي جو مظاهرو نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته ان ڪارروائي مان اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪي گذريل ڪجهه ڏينهن کان افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ معاملا بهتر ٿيڻ وارا آهن ۽ ڪجهه ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهي سڀ افواهه ختم ٿي ويا.
منصور علي خان چيو ته پي ٽي آءِ ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻ کي جنرل (ر) فيض حميد کان ڌار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪجهه اڳواڻن اهو به چوڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته سندن خلاف جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن انهن ۾ جنرل (ر) فيض حميد جو به ڪردار رهيو آهي پر عمران خان ڪڏهن جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪو بيان نه ڏنو.