ڪراچي: 7 مهينن ۾ 44 هزار وارداتون رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هلندڙ سال 7 مهينن دوران 44 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ ٿيون.
سٽيزن پوليس لائزن ڪميٽي (سي پي ايل سي) جي رپورٽ موجب موٽر سائيڪل چوري ۽ کسڻ جون 31 هزار کان وڌيڪ وارداتون ٿيو، هڪ هزار کان وڌيڪ گاڏيون چوري ۽ کسيون ويون.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران 44 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ ٿيون.
سي پي ايل سي جي رپورٽ موجب ان عرصي ۾ شهرين کان 11 هزار کان وڌيڪ موبائلون کسيون ويون.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شهر ۾ 7 مهينن دوران ڀنگ لاءِ اغوا جون 12 وارداتون ٿيون، جڏهن ته ڀتي لاءِ 57 واقعا رپورٽ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.