حڪومت پاران گم ٿيل ماڻهن بابت وڏو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت گم ٿيل هر فرد جي خاندان لاءِ 50 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير قانون سينيٽر اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته رياست گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي مدد لاءِ غير معمولي ۽ تاريخي فيصلو ڪيو آهي.

اعظم نذير تارڙ چيو ته 5 سالن کان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، هر هڪ خاندان کي 50 لک رپيا گرانٽ طور ڏنا ويندا.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي ڪابينا گرانٽ جي منظوري ڏني آهي، اهو رياست جو مخلصاڻو رويو آهي، ڪوشش آهي ته متاثر خاندانن جي ڏکيائين کي گهٽ ڪري سندن ڏک ۾ شريڪ ٿيون.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي پويان ڪيترائي ۽ پيچيده سبب آهن، رياست ماءُ جيان آهي، حڪومت اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته رياست ۽ ادارن مٿان خوفناڪ الزامن جي باوجود حڪومت جو مخلصي ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي. پاڪستان ۾ هر شهري جي جان جي تقدس ۽ حفاظت اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.