موسميات کاتي جو ٻوڏ بابت اڳڪٿي ڪندڙ سسٽم چوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو ٻوڏ ۽ برسات جي اڳڪٿي ۽ اطلاع ڏيندڙ سسٽم چور کڻي ويا.
ٻوڏ جي اطلاع ڏيندڙ سسٽم نالا لئي ڪٽاريان وٽ نصب ٿيل هو، سسٽم سان گڏوگڏ سولر پينلز ۽ سينسرز به چوري ٿي ويا.
نيو ٽائون ٿاڻي جي پوليس موسميات کاتي جي سسٽم چوري جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ انجنيئر جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چور تالا ٽوڙي قيمتي بيٽريون، سولر پليٽس، ڪاپر ڪيبلز ۽ باڪس کڻي ويا آهن، جديد سسٽم ٻوڏ جي صورتحال ۽ پاڻي جي سطح تي معلومات فراهمي لاءِ ورتو ويو هو.

ياد رهي ته ٻوڏ جي صورتحال بابت اڳڪٿي لاءِ نصب ڪيل سسٽم جاپان مان گهرايو ويو هو.

Pakistan system police

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.