اسلام آباد(م ڊ) حڪومت مهانگائي سٽيل عوام تي وڌيڪ بار وجهندي پيٽرول 9 رپيا 99 پئسا ۽ ڊيزل 6 رپيا 18 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ واڌ ڪري ڇڏي ، ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 99 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 275 رپيا 60 پئسا في ليٽر ٿي وئي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 18 پئسا في ليٽر واڌ ۽ نئين قيمت 283 رپيا 63 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 83 پئسا واڌ ڪئي وئي.