پشاور ۾ سيڪورٽي فورسز ۽ پوليس جي ڪارروائي،3 دهشتگرد مارجي ويا،4 اهلڪار به شهيد

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ سيڪورٽي فورسز ۽ پوليس جي ڪارروائي ۾ انتهائي گهربل ڪمانڊر عبدالرحيم سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب پشاور جي حسن خيل واري علائقي ۾ سيڪورٽي فورسز ۽ پوليس انٽليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم به شامل آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته دهشتگردن سان مقابلي ۾ مادر وطن جا 4 پٽ شهيد ٿي ويا، جن ۾ صوابي جو سپاهي محمد ادريس،ڪوهاٽ جو سپاهي بادام گل شامل آهن.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب سي ٽي ڊي جا سب انسپڪٽر تاج مير شاهه ۽ اي ايس آءِ محمد اڪرم به شهيدن ۾ شامل آهن.

مارجي ويل دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو، حڪومت طرفان سندس سر جي قيمت 60 لک رپيا مقرر ڪئي وئي هئي.

دهشتگرد ڪمانڊر 26 مئي تي ڪيپٽن حسين جهانگير شهيد ۽ حوالدار شفيق الله جي شهادت جو ذميوار هو.

ISPR Pakistan Army

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.