ايپل ڪمپني جو سڀ کان پراڻو ملازم ڪير؟

سافٽ ويئر ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ دلچسپي رکندڙ هر پڙهيل لکيل ماڻهو جي خواهش هوندي آهي ته کيس دنيا جي مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو ملي.
پر ڇا اوهان ڄاڻيو ٿا ته مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني ”ايپل“ جو سڀ کان پراڻو ملازم ڪير آهي؟ ان جو نالو ڪرس ايسپينوسا جنهن 14 سال جي عمر ۾ڪمپني جوائن ڪئي ۽ گذريل 45 سالن کان اداري جو حصو آهي.
ايپل سان گڏ ڪرس ايسپينوسا جو سفر ان وقت شروع ٿيو جڏهن سندس ملاقات اسٽيو جابز سان پال ٽيريل جي بائٽ شاپ ۾ ٿي.
هو هومسٽيڊ هاءِ اسڪول ۾ تعليم هيٺ هو جتان اسٽيو جابر ۽ اسٽيو ووز نياڪ به تعليم حاصل ڪئي هئي، استادن جي خبرداري باوجود ڪرس جي اسٽيو ووزناڪ سان دوستي ٿي وئي ۽ هومبريو ڪمپيوٽر ڪلب ۾ باقاعدا شرڪت ڪرڻ لڳو.
هو ايپل جوائن ڪرڻ وارو اٺون ملازم هن وقت بڻيو جڏهن هاءِ اسڪول ۾ سندس تعليم جاري هئي، ان وقت ڪمپني ”ايپل 11“ جي پروگرامن ۽ پبلڪ ڊيمو تي ڪم ڪري رهي هئي.
1978 ۾ ڪرس يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا (برکلي) ۾ داخلا ورتي، جتي سندس ملاقات اينڊي هرٽز فيلڊ سان ٿي، هن ايپل جي پبليڪيشنز مينيجر جيف راسڪن جي هدايت تي ”ايپل 11“ جي يوزر گائيڊ کي ٻيهر لکيو.
ميڪنٽوش پراجيڪٽ بعد ڪرس ايپل جي مارڪيٽنگ ڊويزن ۽ ڪاليڊا پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو، هاڻي هو ڪومپوننٽس اينڊ اسڪپرٽنگ ڊيپارٽمنٽ جو مينيجر آهي جتان هو ايپل جي ايڪس ڪوڊ ڊويلپر جي بهتري جو ڪم ڪري رهيو آهي.

Apple Iphone Technology

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.