ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد ڀرسان فائرنگ ۾ سي ٽي ڊي جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ڊي ايس پي) علي رضا مارجي ويو.
پوليس موجب ڊي ايس پي سي ٽي ڊي علي رضا کي عباسي شهيد اسپتال نيو ويو، جتي علاج دوران هن دم ڏئي ڇڏيو.
ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته ڊي ايس پي علي رضا جي مٿي ۾ گولي لڳي، فائرنگ سان علي رضا جو گن مين به زخمي ٿيو.
ڊي ايس پي علي رضا ايس ايس پي چوڌري اسلم جو ويجهو ساٿي هو.
karachi sindh ctd