امان پٺاڻي جي مطالبي تي سنڌ حڪومت شهباز لنڊ کي هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن جي مطالبي تي قتل ڪيس ۾ نامزد ميونسپل ڪميٽي ميرپورماٿيلو جي چيئرمين شهباز لنڊ کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ اڄ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري پنهنجا مطالبا سامهون رکيا هئا، جڏهن ته هن مطالبن جي مڃتا تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ جاري رکڻ جو اعلان به ڪيو آهي.
هوڏانهن سنڌ حڪومت امان پٺاڻي جي مطالبي تي ميونسپل ڪميٽي ميرپورماٿيلو جي چيئرمين شهباز لنڊ کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪاپي لاڳاپيل اختيارين کي موڪلي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.