ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو ۽ 100 انڊيڪس 49 پوائنٽون وڌي ويو.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 80 هزار 282 پوائنٽن تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 753 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو ۽ 100 انڊيڪس اڄ نئين بلند ترين سطح 80 هزار 888 تائين پهتو.
بازار ۾ اڄ 49 ڪروڙ 67 لک شيئرز جا سودا 19.32 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 19 ارب رپيا واڌ سان 10 هزار 612 ارب رپيا آهي.
psx business dollar