ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ به ٻُٽ برقرار آهي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ منجهند جو ڪٿي هلڪو ڪٿي تيز مينهن وسيو، ان باوجود ٻُٽ وارو ماحول برقرار آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ گرمي پد 33.5 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، هوا ۾ گهم جي شرح 55 سيڪڙو آهي، جڏهن ته گرمي جي شدت 39 ڊگري تائين محسوس ڪئي پئي وڃي.
موسميات کاتي موجب سامونڊي هوائون بند آهن، شهر جي اتر اوڀر حصي ۾ وڌيڪ ڪڪر ٺهي رهيا آهن.
karachi rain weather