نيروبي (ويب ڊيسڪ) ڪينيا ۾ حڪومت جي تجويز ڪيل ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب سوين ماڻهن تخت گاهه نيروبي ۾ پارليامينٽ جي عمارت تي ڪاهه ڪئي ۽ عمارت ۾ گهڙي مختلف حصن ۾ باهه ڏئي ڇڏي.
ان موقعي تي پوليس جي سڌي ريت فائرنگ ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿي پيا.
احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي ۽ پاڻي جون توپون هلايون، احتجاج ڪندڙن پوليس جي گاڏين تي پٿراءُ ڪيو.
kenya africa nairobi