اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اها حقيقت آهي اسان کي آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ ٺاهڻي پئي، اها ئي حالتن جي گهرج آهي.
قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي جو اعلان ٿي چڪو آهي، پي ڊبليو ڊي ۾ ورهاست ٿيندي آهي، ان جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو، اتي وڏي ڪرپشن ٿيندي آهي، سڀ ميمبر ڄاڻين ٿا، خرچ گهٽائڻ بابت تفصيل هڪ ڏيڍ مهيني ۾ سامهون آڻينداسين.
هن چيو اها حقيقت آهي ته اسان کي آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ ٺاهڻي پئي، اها ئي حالتن جي گهرج آهي، اسان کي آءِ ايم ايف جو جواب اچي ويو ته پيسٽي سائيڊ بابت جواب ڏينداسين ۽ اميد آهي ته خوشخبري ڏينداسين.
Prev Post
You might also like