ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪروڙين رپين جي ماليت جون دوائون چوري ٿي ويون.
اسپتال مان دوائون چوري ٿيڻ جو ڪيس سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خالد بخاري جي فرياد تي عيدگاهه ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ سول اسپتال جي ٻن ملازمن نياز احمد ۽ اقبال احمد کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي متن موجب اسپتال مان ڪينسر جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون چوري ڪيون ويون.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوري طور تي ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي پر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
Karachi pakistan medicines
You might also like