ڪوئيٽا: پڪنڪ پوائنٽ تان ڪسٽم اهلڪار سميت 10 ڄڻا سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي اغوا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ پڪنڪ پوائنٽ تان ڪسٽم اهلڪار سميت 10 ڄڻن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ اغوا ڪيو ويو.
اغوا جو اهو وڏو واقعو ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي زرغون جي سياحتي ماڳ شعبان تي پيش آيو، جتي هٿياربندن جي وڏي انگ پڪنڪ پوائنٽ کي گهيري ۾ وٺي اتي موجود ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا.
هٿياربندن 14 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو پر 4 ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ 10 ڄڻن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، مغوين ۾ هڪ ڪسٽم اهلڪار سميت پنجاب جا رهواسي ماڻهو شامل آهن.

quetta punjab pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.