مردن جي ڪمزوري، سائنس جي اهم اڳڀرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انساني جينوم جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، سائنسدان ڊگهي وقت بعد مردن ۾ ملندڙ وائي ڪروموسوم کي چڱي ريت سمجهي چڪا آهن جنهن جي مدد سان مردن ۾ ٻار پيدا ڪرڻ واري قوت تي وڏي پئماني تي تحقيق ڪري سگهجي ٿي.

سائنسدانن هلندڙ مهيني مردن ۾ ملندڙ وائي ڪروموسم جي پهريون ڀيرو مڪمل ترتيب ڏيکاري آهي.

انسانن جي هر سيل ۾ ڪروموسومز جون 23 جوڙيون هونديون آهن يعنيٰ 46 ڪروموسومز هوندا آهن.

انهن مان 22 جوڙيون مردن ۽ عورتن ۾ هڪ جهڙيون هونديون آهن رڳو 23هين جوڙي ۾ فرق هوندو آهي جنهن کي ايڪس ڪروموسم چيو ويندو آهي.

عورتن ۾ 2 ايڪس ڪروموسم هوندا آهن جڏهن ته مردن ۾هڪ ايڪس ۽ هڪ واءِ ڪروموسم هوندو آهي.

آمريڪا ۾ نيشنل هيومن جينوم ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اسٽاف سائنسدان ۽ نيچر رسالي جي هڪ تحقيقي مقالي جي ليکڪآرانگ راءِ جو چوڻ آهي ته منهنجي خيال ۾ جينياتي ڄاڻ کي پرهڻ ۽ ڪمپيوٽر جي استعمال جي نون طريقن ۾ ايندڙ اڳڀرائي ان ڪاميابي جو بنيادي سبب آهي.

يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي پروفيسر ڪيرن ميگا جو چوڻ آهي ته هي هڪ وڏي اڳڀرائي آهي ڇو ته پهريون ڀيرو واءِ ڪروموسوم جو پورو ڪوڊ ڏسي سگهون ٿا، اسان ڪروموسوم جي ڊيگهه جو 50 سيڪڙو ڪوڊ دريافت ڪيو آهي، جيڪو ان کان اڳ جينوم جي نقشن تي واضح نه هو.

ٻئي پاسي ايڪس ڪروموسوم جي ترتيب 2020 ۾ شايع ٿي هئي پر سائسدان هيل تائين واءِ ڪروموسوم کي مڪمل طور تي سمجهي نه سگهيا هئا جنهن جي ڪري انساني جينوم کي پڙهڻ ۾ هڪ وڏو مسئلو موجود هو.

ليکڪ مونيڪا جو چوڻ هو ته اڪثر انسانيبيمارين جو مطالبو ڪندي سائنسدان ايڪس ڪروموسوم ۽ جينوم تي ڌيان ڏيندا هئا جنهن جي ڪري مردن ۾ ملندڙ واءِ ڪروموسوم مطالعي دوران ڪنهن هد تائين نظرانداز يا خارج ڪيو ويندوهو.

ٻئي ڪروموسوم جي ڀيٽ ۾ واءِ ڪروموسوم انساني جينوم ۾ سڀ کان ننڍو ۽ وڌيڪ تيزي سان تبديل ٿيندو آهي.

تحقيق ۾ واءِ ڪروموسوم جي انهن حصن بابت اهم شيون سامهون آيون جن جو واسطو صحت سان آهي. سائنسدانن کي واءِ ڪروموسوم ۾ ڊي اين اي جو هڪ اهڙو ماليڪيول ميو آهي جنهن ۾ ڪيترائي اهڙا جينز هوندا آهن جيڪي اسپرم جي پيداوار ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن.

سائنسدانن موجب فرٽيليٽي بابت تحقيق ۾ واءِ ڪروموسوم جي جين کي عملي طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

تحقيق دوران سائنسدانن واءِ ڪروموسوم ۾ وڌيڪ جينز دريافت ڪيا آهن، سندن چوڻ هو ته گذريل تحقيق ۾ ڪروموسوم جا ڪجهه ڊي اين اي کي بيڪٽيريا سان سمجهيو ويندو هو پر اصل ۾ ائين نه هو.

سائنسدان انساني جينيات کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ مطالعو ڪري رهيا آهن، انساني جينوم جو پهريون تفصيل 2003 ۾ سامهون آيو هو.

گذريل سال سائنسدانن انساني جينوم جو پهريون مڪمل تفصيل شايع ڪيوهو، ان ۾ واءِ ڪروموسوم جي حوالي سان ڪجهه ڄاڻ گم هئي بعد ۾ مئي ۾ محققن جينوم جا نوان ۽ بهتر تفصيل جاري ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.