ٽرين حادثو:13 مسافر اجل جو شڪار، 50 کان وڌيڪ زخمي

ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر ڪولڪتا ۾ مسافر ٽرين ۽ مال گاڏي ۾ ٽڪر سبب 13 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪيترائي زخمي.
ڀارتي خابرو اداري موجب حادثو سومر جي ڏينهن پيش آيو، جتي رنگاپاني اسٽيشن ويجهو مسافر ٽرين ڪنچن جنگا ايڪسپريس ۽ مال گاڏي ۾ ٽڪر ٿيو.
حادثي جي نتيجي ۾ 13 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، فوتين ۾ ريلوي جا 3 ملازم به شامل آهن.
ڀارتي ريلوي اختيارين موجب حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس طبي امداد جاري آهي.
Railways trains

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.