ڪراچي(پريس رليز ) وفاقي اردو يونيورسٽي جي نفسيات واري شعبي جي اهتمام هيٺ آرٽس ڪونسل ڪراچي ۾ فرانزڪ سائيڪولاجي تي پهرين بين الاقوامي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.
وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي مشهور پروفيسر ڊاڪٽر ظابطا خان شنواري پنهنجي بيان ۾ فرانزڪ سائيڪولاجي جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
شيخ الجامعه پروفيسر نفسيات واري شعبي جي اهڙي ڪاوش کي ساراهيندي سمورن ماهرن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته مستقبل ۾ به اهڙا قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس ٿيندا رهندا،جن سان معاشرتي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
بين الاقوامي ماهرن ۾ ڊاڪٽر زعيما احمد (ڪئناڊا) ڊاڪٽر طارق ايم حسن (ڪئناڊا)۽ ڊاڪٽر ريضا فهمي (انڊونيشيا) واري آنلائن شرڪت ڪئي.
قومي ماهرن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد عزيز مسعودي، ڊاڪٽر جاويد عرف خشڪ، ڊاڪٽر وحيد احمد عباسي، مڪيش ڪمار تلريجا، بئرسٽر عزير علي خان غوري، سيد آفتاب علي شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد ڪانفرنس ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
پروفيسر ڊاڪٽر عظميٰ علي، پروفيسر ڊاڪٽر قدسيه طارق، ڊاڪٽر سيد شميم اعجاز، ڊاڪٽر حنا عمران، ڊاڪٽر هارون الرشيد، امتياز علي خان ۽ ايڇ ايم وقار عمر ڪانفرنس ۾ ماڻهن کي فرانزڪ سائيڪولاجي ۽ پاڪستاني ليگل سسٽم جي موضوع تي معلومات ڏني.
اقبال ڪئمپس جي انچارج ڊاڪٽر شاهد اقبال، رئيس ڪليا سائنس و انچارج گلشن اقبال ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد سمورن ماهرن جي ڪوشش کي ساراهيو ۽ شيلڊون پڻ پيش ڪيون.
وفاقي اردو يونيورسٽي جي نفسيات واري شعبي جي اهتمام هيٺ فرانزڪ سائيڪولاجي تي پهرين بين الاقوامي ڪانفرنس
Next Post
You might also like