خوشخبري، پيپلز بس سروس جي نون روٽن بابت اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عوام کي خوشخبري ٻڌائيندي پيپلز بس سروس جي نون روٽن بابت اهم فيصلو ڪري ورتو.
ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي اسيمبلي ميمبرن، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ملير، ڪياماڙي، لياري ۽ اولهه ضلعي ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪرڻ ۽ هاڪس بي کان صدر ۽ منگهي پير کان بنارس نون روٽن لاءِ ٽيسٽ بس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ٽرانسپورٽ کاتي اجلاس ۾ ضياءُ الدين اسپتال کان سي ايم هائوس، سلطان آباد ۽ ماڙي پور روٽ جي واڌ جو به فيصلو ڪيو ويو.
شرجيل ميمڻ چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ وڌائي آسان سفري سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون.

peoplesbusservice sharjeelmemon ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.