حج سيزن دوران سخت گرمي، پانڌيئڙن لاءِ اهم هدايتون جاري

مڪو پاڪ (ويب ڊيسڪ) انتظاميا حج سيزن دوران گرمي جي شدت کي ڏسندي پانڌيئڙن لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن.
ايشيائي ملڪن جيان عرب ملڪن ۾ به سخت گرمي آهي، سعودي عرب ۾ حج سيزن دوران سخت گرمي جي لهر آهي.
ڊائريڪٽر جنرل حج پاڪستان مشن عبدالوهاب سومرو پانڌيئڙن کي گرمي جي سختي کان بچڻ لاءِ ڪجهه هدايتون جاري ڪيون آهن.
ڊي جي حج پانڌيئڙن کي وڌ کان وڌ پاڻي پي هائڊريشن کي برقرار رکڻ، ڪيفين ۽ کنڊ وارا شربن وڌيڪ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ان کانسواءِ پانڌيئڙن کي ماسڪ، ڇٽي ۽ عينڪ استعمال ڪرڻ جو به چيو ويو آهي.

saudiarabia hajj2024 pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.