اسٽيل ملز بند نه ٿيندي، ان کي هلايو ويندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سالٽ ويسٽ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ڪو به گهر ٻاهريان ڪچرو اڇلائيندو ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ جي 16 کاتن کي ڊجيٽلائزڊ ڪيون پيا، سنڌ ۾ ون اسٽاپ شاپ جي منظوري ڏني وئي آهي، ملير ايڪسپريس وي تي هڪ سو ايڪڙ تي اسپيشل چلڊرن انسٽيوٽ ٺاهي رهيا آهيون.

صوبائي وزير ٻڌايو ته اسٽيل مل جي نجڪاري نه ڪنداسين ۽ اسٽيل مل کي بحال ڪري ڪم هلائينداسين، اسٽيل مل کي پنهنجن پيرن کي بيهاريو ويندو، اي پي زيڊ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ملي ڪري ٺاهينديون.

هن چيو ته سرڪاري ملازمن لاءِ سنڌ حڪومت هائوسنگ سوسائٽيز تي ڪم ڪري رهي آهي، لوئر گريڊ اسٽاف کي سستا ۽ قسطن تي پلاٽ الاٽ ڪيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ملڪ جو واحد شهر آهي جتي اليڪٽرڪ بسون هلي رهيون آهن، اسان جو ٽارگيٽ اٺ هزار بسون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.