آمريڪا جو جديد جنگي جهاز ڪري تباهه، پائليٽ محفوظ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جو جديد ترين جنگي جهاز ايف ٿرٽي فائيو نيو ميڪسيڪو ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جهاز حادثي جي نتيجي ۾ پائليٽ جي جان بچي وئي پر هو شديد زخمي ٿيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
رپورٽ موجب جهاز ۾ پائليٽ کان علاوه ٻيو ڪو به سوار نه هو، حادثو منجهند جو 2 وڳي پيش آيو، جنهن ۾ پائليٽ پاڻ کي بچائي نڪري ويو.
فائر ڊپارٽمنٽ موجب پائليٽ هوائي اڏي جي ڏکڻ طرف هڪ پهاڙ تي هو، جنهن زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.